پيرون/ پيلو

پيرون/ پيلو

پيرون پيلو

پيرون/ پيلو (Salvadora): هڪ وچولو وڻ ٻوٽو آهي. هن جا ٻه قسم ٿين ٿا، جنهن کي کٻڙ ۽ ڄار طور سڃاتو وڃي ٿو. هي وڻ ٻوٽو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ لاڙ، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ عام ملي ٿو. هن جي ڦل کي ’پيرون‘ چئجي ٿو. هن جا ڏندڻ عام جام وڪرو ڪيا وڃن ٿا. جيڪي سندن پاڙن مان ورتا وڃن ٿا. هي جنوري ۽ فيبروري مهينن دوران ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ٿيندا آهن. پيرون ٻن قسمن جا اڇا ۽ ڳاڙها ٿين ۽ جيڪي ڏُٿ طور ڪم اچن ٿا. انهن کي سُڪائي ڏُٿ طور ڪم آڻيندا آهن. جنهن کي ڪوڪڙ چيو ويندو آهي. جيڪا عزيزن ۽ مٽن مائٽن ۾ تحفي طور به موڪلبي آهي. جوان ڇوڪريون ٽولا ڪري گڏجي مندائتا پيرون چونڊڻ وينديون آهن. ان موقعي تي ڇوڪريون لوڪ گيت به چونديون آهن. طبي لحاظ کان پيرن جو اندريون ٻج. حڪمت ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو. پيرن کي عربيءَ ۾ ڪباث، فارسيءَ ۾ تغم پيلو، اردو ۽ هنديءَ ۾ پِيلو بيج چوندا آهن. هي بلغم ۽ ريج گهٽائي ٿو. هن جي پاڙ ڏندڻ طور ڏندن جي صفائي لاءِ ڪم آندي ويندي آهي.
شاهه سائينءَ به سُر مارئي ۾ پيرُن جو استعمال ڪيو آهي:
’پيرون چونڊينديس پاند ۾، کٻڙن پاس کڙي‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو